اسلام آبادپاڪستان

حڪومت پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ عمران خان جي بريت چئلينج ڪري ڇڏي

اسلام آباد :حڪومت پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، پرويز خٽڪ، اسد عمر، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين جي بريت خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل پنهنجي اپيل ۾ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو آهي ته هيٺين عدالت پاران انهن جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڪنهن به قانوني جواز کان سواءِ آهي. ٽرائل ڪورٽ جو حڪم حقيقتن ۽ قانون جي ابتڙ آهي. عدالت ان فيصلي جي طرز تي فيصلو ڏنو. اپيل ۾ چيو ويو ته ٽرائل ڪورٽ ڏوهن جي سنگينيت، قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي شديد زخمي ٿيڻ، جاني توڙي سرڪاري ملڪيتن کي وڏي نقصان جو خيال نه رکيو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد پنهنجي اپيل ۾ استدعا ڪئي ته جوابدارن خلاف دستاويزي ثبوت رڪارڊ تي آهن، ان ڪري ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button