ڪراچي ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو ٿيو آهي جتي غلط ڪم نه ڪرڻ تي ظالم مڙس زال کي ديڳ ۾ وجهي ساڙي ڇڏيو. تفصيل مطابق هي واقعو ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 4 ۾ نجي اسڪول ۾ گذريل ڏينهن پيش آيو، جتي 33 ورهين جي عورت کي انسانيت لڄائيندڙ تشدد کان پوءِ ديڳ ۾ وجهي ساڙيو ويو، پوليس جي شروعاتي رپورٽ مطابق عورت جي سڃاڻپ نرگس جي نالي سان ٿي، جنهن کي تشدد ڪري تشدد ڪيو ويو. ڪراچي جي تاريخ ۾ هي پهريون واقعو آهي جڏهن زال کي تشدد کان پوءِ قتل ڪرڻ جو هي لڱ ڪانڊاريندڙ طريقو استعمال ڪيو ويو. پوليس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته واقعي ۾ عورت جو مڙس عاشق ملوث آهي، جوابدار پنهنجي زال کي ڪڌن ڪمن لاءِ زور ڀريندو هو، زال پاران انڪار ڪرڻ تي مڙس کيس قتل ڪيو، واقعي کان پو جوابدار فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، عورت جو لاش ديڳ مان ملڻ جي خبر علائقي واسين تائين پهتي ته علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close