پاڪستانسنڌ

بلال ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري لا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد: نيوسعيدآباد جي رھواسي نوجوان بلال ڪاڪا پٽ ڌڻي بخش ڪاڪا جو حيدرآباد جي سپر سلاطين ھوٽل تي بيدردي سان ٿيل قتل خلاف ڪالهه به مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ پورهيت مزاحمت تحريڪ پاران پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ مسرور شاهه، دانشور جامي چانڊيو، نثار لغاري، امجد رند، اعجاز ڇلگري، امتياز ڇلگري ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين هڪ منظم انداز ۾ سنڌ ۾ ڌاريا آباد ڪري سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بلاول ڪاڪا جو هڪ پٺاڻ هٿان قتل انفرادي واقعو نه پر ڌاري آبادڪاري جي لهر جو نتيجو آهي. هنن چيو ته اسان سمجھون ٿا ته ھن وقت پرامن سياسي جدوجھد ئي ڌاري آبادڪاري جي مسئلي جو حل آھي، جيڪڏھن سياسي جدوجھد جو رستو اختيار نه ڪيو ويو ته سنڌ جي حق ۾ نه ھوندو، اچو ته سياسي جدوجھد جو رستو اختيار ڪيون. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري لا قانونسازي ڪري ٻين صوبن جي ٻاھرين ماڻھن کي ووٽ، پراپرٽي ۽ شھري حقن کان محروم ڪيو وڃي.

جيڪب آباد ۾ شھرين سليم پنھور، بلاول دشتي ۽ عامر کوکر جي اڳواڻي ۾ اي ڊي سي ڪالوني کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو. قمبر ۾ يوٿ فورم جي اڳواڻن عبداللطيف، لالا اسحاق صدام چانڊيو، ماجد خاصخيلي، ابوبڪر چانڊيو، ديشي مريد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. نوابشاهه ۾ نوجوانن سڪرنڊ روڊ کان ريلي ڪڍي افغانين جا ھوٽل، دڪان بند ڪرائي ڇڏيا. جڏھن ته نوابشاهه ڪورٽ ۾ پٺاڻ ٺيڪيدار پاران قائم ڪينٽين پڻ وڪيلن بند ڪرائي وئي. ٻئي طرف نوجوانن جي ريلي شھر جي مختلف علائقن مان گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاھران پھتي. ڪنڌڪوٽ ۾ جسم پاران گھنٽاگھر چوڪ کان ڪامريڊ عباس باجڪاڻي، سلطان نندواڻي، وسيم سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيل اڳواڻن امان الله لهر، عبدالستار هليو، امير علي سنجراڻي، عبدالقدير ڊومڪي ۽ ٻين سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. جڏهن ته نوجوانن عاقب ڪاٺيو، عمير ڀٽو، طارق حسين کهاوڙ، حسن سولنگي، وحيد مگسي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ نيشنل پارٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو) جي ڪارڪنن پاران پريس ڪلب آڏو دودو هاليپوٽو، زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. نيوسعيدآباد ۾ مختلف تنظيمن ۽ ڪاڪا برادري طرفان زبردست احتجاجي ريلي سارنگ ڪاڪا، حسام الدين ڪاڪا، جمشير ڪاڪا جي سرواڻي ۾ شھيد بينظير ڀُٽو چوڪ کان پوليس اسٽيشن تائين ڪڍي ويئي، جڏھن ته ريلي تعلقا پريس ڪلب پھتي جتي ڌرڻو ھنيو ويو. ھالا ۾ انور ٻرڙو، شڪور ناز خاصخيلي، علي افضل ڪاڪا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ڪڙيوگھنور ۾ جسقم ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن عباس نظاماڻي، اختر نوتڪاڻي، گيانچند مھيشوري، پير فراز شاھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

ماتلي ۾ جسقم، ايس يو پي جي ڪارڪنن ۽ شھرين پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ڪوٽ غلام محمد ۾ شاهه لطيف چوڪ تي مولچند ڪولھي، مڪيش ڪمار ڪولھي ۽ ناگجي ڪولھي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. گمبٽ ۾ جسقم اڳواڻ ڪامريڊ اعجاز ڦلپوٽو ۽ شھيد ڀٽو اڳواڻ جھانگير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. خانواھڻ ۾ جسقم، ايس يو پي ۽ ٻين قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن شاھي بازار کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. جوهي جي سول سوسائٽي سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪامريڊ غلام قادر لغاري، ڪامريڊ قربان کوکر، خادم باهوٽو، منظور ٻٻر ۽ ٻين خطاب ڪيو. وارهه ۾ سياسي سماجي اڳواڻن سجاد گل، عرفان منان، نجيب چانڊيو، غفار ميرجت، صلاح چانڊيو، نياز حيدري، اياز کهاوڙ، وقار چولياڻي، پنهل عباسي، جئڪال ڪلهوڙو، فياض ماهي، غلام مصطفى بروهي، محسن سنڌيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. هنڱورجا ۾ ايس ٽي پي اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جسقم بشير خان پاران ڄام مهدي رضا سهتو، يوسف ميمڻ، ظھير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button