نئون ڳوٺ/راڌڻ: نئون ڳوٺ ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ ناڙي لاشاري ۽ گهارو لاکير جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري غلام حيدر سرگاڻي ۽ امجد علي سرگاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي نئون ڳوٺ پوليس پھچي لاش اسپتال پهچايا، جنهن بعد ٻنهي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لا مقتول غلام حيدر سرگاڻي ۽ امجد علي سرگاڻي جا لاش ميهڙ ها وي تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون. ٻي پاسي ايس ايس پي دادو عرفان سمون فون تي ڳالھيون ڪرڻ کان پو خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو، جڏهن ته مقتولن جا لاش اباڻي ڳوٺ گھارو پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. مقتولن جي وارث غلام حسين سرگاڻي ٻڌايو ته اسان تي نديم لاشاري جي قتل جو الزام هو، جنهن به ميڙ منٿ قافلو به وٺي وياسين، پر انهن اسان جا ٻه نوجوان قتل ڪري ڇڏيا آهن. هوڏانهن راڌڻ پوليس رانگڙ پاڙي ۾ گهر تي چڙهائي ڪري 5 عورتن کي کڻي وئي. جڏهن ته موٽرسائيڪل هٿياربندن رانگڙ پاڙي ۾ مقتول نديم لاشاري جي پي منٺار لاشاري جي گهر تي حملو ڪري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. پوليس موجب پراڻي تڪرار تان ٻن نوجوانن کي قتل ڪيو ويو آهي. منٺار لاشاري صحافين کي فون تي ٻڌايو ته راڌڻ پوليس اسان جي عورتن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close