اسلام آبادپاڪستان

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 13 ڏينهن کان مون سون جو دٻاءُ آهي:شيري رحمان

اسلام آباد:ماحولياتي تبديليءَ بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته مون سون برساتن سبب درپيش صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اربع ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گذريل 13 ڏينهن کان مون سون جو شديد دٻاءُ آهي. سنڌ ۾ 30 سالن جي شرح سان 625 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 501 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون آهن. هن چيو ته موسيمات کاتي ڪالهه کان شروع ٿيندڙ تيز برساتن ۾ وڌيڪ اضافي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ برساتون پونديون، لاڳاپيل کاتي کي الرٽ رهڻ ۽ اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button