قاضي احمد ۾ 2 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند نيو بسم الله هوٽل ۾ گهڙي پ پ يوسي ڏيڙان جي صدر عبدالزيز کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته هوٽل تي ويٺل پ پ اڳواڻن عبدالعزيز کوسو کي قاضي احمد اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. قتل جي اطلاع تي پ پ سميت سوين ماڻهو اسپتال پهچي ويا، جنهن کان پو مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جيڪي لاش کڻائي گهر پهتا ته روڄ راڙو مچي ويو. هوڏانهن واقعي جي خبر باهه وانگر پکڙجي وئي ۽ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. جڏهن ته پ پ تعلقي قاضي احمد جو صدر عبدالنبي جمالي، بھار خان مري، انجنيئر غفار جتوئي، نبي بخش ماڃوٺو، ڪامريڊ محمد سليم خاصخيلي، واپاري سيٺ سجاد علي لاکو ۽ ٻيا تڏي تي پهچي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close