راڌڻ: راڌڻ لڳ ڪچي جي علائقي ناڙي لاشاري ۾ زمين جي مالڪي تان قتل ٿيل امجد سرگاڻي ۽ غلام حيدر سرگاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لا راڌڻ ۾ ريلوي ڦاٽڪ بند ڪري ڳوٺاڻن نٽھڻ اس ۾ عمران سرگاڻي، صابر سرگاڻي، فراز سرگاڻي ۽ جاويد سرگاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائٔر ساڙي ڌرڻو ھنيو، جنھن ڪري راڌڻ موهن جو دڙو ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي دوران پوليس خلاف ڇتي نعريبازي نعريبازي ڪئي. جڏهن ته ڌرڻي سبب اي اين اي ريلوي لاڙڪاڻو مسعود لاڙڪ جي ٽرالي کي پڻ روڪيو ويو، جنهن بعد آفيسر پنڌ آفيس روانا ٿي ويا. ٻي پاسي ڌرڻي باوجود راڌڻ پوليس جو ڪوبه عملدار نه پهتو. ان موقعي تي هنن چيو ته ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي، ڌرين ۾ زميني تڪرار سبب هينئر تائين 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، پوليس ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري، جهيڙي کان پو علائقي ۾ خوف ڇانيل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close