اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڊيزل 40 رپيا 54 پيسا ۽ پيٽرول 18 رپيا 50 پيسا سستو

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪندي آءِ ايم ايف سان معاهدي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڊيزل 40 رپيا 54 پيسا ۽ پيٽرول 18 رپيا 50 پيسا سستو ٿي ويو. ان ڏس ۾ ڪالهه قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته تيل جا اگهه آسمان تي پهتا هئا. جڏهن ته مهانگائي به گهڻي هئي پر اڄ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. قوم سان ڪيل واعدي موجب اڄ آئون رليف ڏئي رهيو آهيان. هن اعلان ڪيو ته ڊيزل 40 رپيا 54 پيسا سستو ڪيو ويندو. جڏهن ته پيٽرول 18 رپيا 50 پيسا سستو ڪيو ويندو، جنهن تي 14 جولاءِ جي رات 12 وڳي کان عملدرآمد ٿي ويو آهي. شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت وڃڻ وقت آءِ ايم ايف سان سخت معاهدو ڪيو، جڏهن اسان آياسين ته مهانگائي انتها تي هئي ۽ تيل جا اگهه آسمان ڏانهن هلي رهيا هئا. هن چيو ته گذريل حڪومت اسان جي حڪومت کي ڏکيائين ۾ وجهڻ لاءِ اهو ڪيو، تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ خزاني ۾ پئسا نه هئا، جنهن جو سبب گذريل حڪومت هئي جنهن معيشت کي تباهه ڪرڻ لاءِ بارودي سرنگون وڇايون. شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن جو ڪريڊٽ ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي وڃي ٿو، پر ڪجهه قومون اهڙيون هيون جن سال اڳ آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو ماڻيو، اسان جي دعا ۽ خواهش آهي ته اسان جو به آخري معاهدو ٿئي ۽ پوءِ اسان ڪوشش ڪنداسين ته پنهنجي پيرن تي بيهجي، پر ان لاءِ اسان کي ٿورو ڏکيو رستو اختيار ڪرڻو پوندو ۽ الله تي ڀروسو رکڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته جيڪي قومون تباهه ٿيون انهن تي ڏکيو وقت هوندو هو ۽ اڄ اهي ترقي ڪندي آسمان تي پهچي چڪيون آهن، جيڪڏهن اسان به ڏينهن رات محنت ڪريون ته انشاءَ الله مسئلا حل ٿي ويندا، بهتري لاءِ بهتري تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. يقين رکو ته سٺو وقت ايندو. هوڏانهن ان حوالي سان ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 33 رپيا 81 پيسا جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 34 رپيا 71 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب تازي گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 230 رپيا 24 پئسا في لٽر، ڊيزل جي قيمت ۾ 236 رپيا، گاسليٽ 196 رپيا 45 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت 191 رپيا 44 پيسا في لٽر ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button