اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي عملدارن جي گڏيل سروي بعد تازين برساتن ۽ ٻوڏ ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي پوئينرن کي وفاقي حڪومت 10 لک روپيا في ڪس معاوضو ادا ڪندي. جڏهن ته نقصان جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جلد بلوچستان جو دورو پڻ ڪندس. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اين ڊي ايم اي جو وقتي چيئرمين فوري طور تي ڪوئيٽا پهچندو ۽ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ بلوچستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي، خوشامد جي ڪا به گنجائش نه آهي. اين ڊي ايم اي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پنهنجي موجودگي وڌائي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي ته سمورا آبي ذخيرا محفوظ آهن ۽ صورتحال تي 24 ڪلاڪ نظر رکي پئي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سانوڻي جي وڌيڪ برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورا وفاقي ۽ صوبائي کاتا هاءِ الرٽ رهن. وزيراعظم چيو ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي پوري قوم ڏکويل آهي، اسان ان ڏک جي گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن سان گڏ آهيون. هن چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جون حڪومتون هن وقت تائين بهترين ڪم ڪيو آهي پر وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، وفاقي حڪومت کين هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close