پاڪستان

اسٽيبلشمنٽ جي وات کي رت لڳل آهي ته ان کي سياسي فيصلا ڪرڻا آهن:فواد چوڌري

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اسٽيبلشمنٽ جي وات کي رت لڳل آهي ته هن کي سياسي فيصلا ڪرڻا آهن، پاڪستان ۾ جهڙي نموني پاليسيون ٺهي رهيون آهن اها مذاق آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي تاريخ شاندار ناهي رهي، سپريم ڪورٽ ڪيئي تاريخي فيصلا ڏنا پر هي فيصلو ابتڙ آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلو غلطين سان ڀريل آهي، هن فيصلي کي ڪيتري موٽ ملندي ان جو پتو پوءِ پوندو. هن چيو ته سائيفر چيف جسٽس وٽ به موجود آهي، اُن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، سائفر تي انويسٽيگيشن ٿي تي ان تي بحث ٿيندو، ڪيئي ماڻهو سائفر جي انفويسٽيگيشن نٿا ڪرائڻ نٿا گهرن، عقل وارن کي خبر آهي ته سائيفر جي جاچ ڇو نٿي ڪرائي وڃي، سائفر جي جاچ ٿيڻ گهرجي جنهن تحت چونڊيل وزيرعظم کي هٽايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button