قمبر ۾ منشيات خلاف نصيرآباد ناڪي جي رهواسين پريس ڪلب اڳيان پاڪ ڪتاب کڻي عورتن معصوم ٻارڙن مردن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي علي اڪبر گوپانگ، امداد حسين گوپانگ، ضمير حسين گوپانگ، برڪت گوپانگ،ياسمين، نسيم گوپانگ چيو ته اسان جي محلي ۾ منشيات فروش منظور عرف جمن گوپانگ ۽ غفور عرف گامون گوپانگ نوجوان نسل کي منشيات جو عادي بڻائي ظلم ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هنن جي گهر ۾ سٽي پوليس ڇاپو هنيو جن وٽان منشيات هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو پر هفتي اندر جيل مان آزاد ٿي پوليس سرپرستي ۾ ٻيهر سرعام منشيات وڪرو ڪري رهيا آهن، منع ڪرڻ تي اسان مٿان فائرنگ ڪري لڏائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته اسان غريب پورهيت آهيون. ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي منشيات جو آزار ختم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close