برک ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ نسيم کرل جي 44هين ورسي جو پروگرام سڳيون ۾ سندس پٽ فيصل دارا کرل جي رھائشگاهه تي ڪوٺايو ويو، جتي نسيم احمد کرل کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ صوفياڻي محفل ۽ موسيقي جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام ۾ خصوصي شرڪت ڪندڙ نذير احمد جمالي، بشير احمد چنا، محڪم الدين چنا، مراد علي تنور، ربنواز ھيسباڻي، يعقوب سولنگي، شرافت قادري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نسيم احمد کرل جي ڪهاڻي جا ڪردار اڄ به اهميت رکن ٿا. 44 سال گذرڻ باوجود نسيم کرل اسان جي نئين نسل ۽ پڙهندڙن لاءِ درسگاهه جو درجو رکي ٿو. نسيم کرل جون ڪهاڻيون نفرتن جي ديوارن کي ٽوڙڻ جي سگھه رکن ٿيون. پروگرام جي آخر ۾ نسيم احمد کرل جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ لنگر جو اهتمام ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close