راڻيپور: راڻيپور مان اغوا ٿيل معصوم آديش ڪمار جي عوام جدوجهد جي بعد بازياب ٿيڻ تي جسقم پاران کير بازار کان باب دستگير تائين جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، فقير امداد منگي، آصف راھوجو، مجيب ڀيلار، رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو، قومپرست ڊاڪٽر نذير کوکر، نور تنيو، امدادلاڙڪ، شوڪت گھانگھرو ۽ ساجد مڱريو جي اڳواڻي ۾ آديش ڪمار جي والد ھيرو مل ۽ معصوم آديش ڪمار کي ڪلھن تي کڻي ريلي ڪڍي گشت ڪيو ويو، ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي گلن جا هار پارايا ويا ۽ گل نڇاور ڪيا ويا. ريلي کي ھنن خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ھندو ھن ڌرتيءَ جا اصل وارث آھن، انھن جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آھي ۽ آديش ڪمار جي بازيابي عوامي جدوجھد جي ڪري ٿي آھي، جن جدوجھد ۾ ساٿ ڏنو، انھن جا ٿورائتا آهيون، ڪنھن به سنڌي کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، متحد ۽ منظم ٿي پنھنجي حقن لاءِ جدوجھد جاري رکنداسين. آخر ۾ مٺائي ورھائي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close