سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج خان دراني چيو آهي ته حڪومت امن امان قائم رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. آغا سراج خان دراني سان پختون برادري جي 9 رڪني وفد شفيع الله جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حيدرآباد جو واقعي ۽ انجي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ آغا سراج دراني ڳالهائيندي چيو ته سنڌ صوفين جي سرزمين آهي ۽ سنڌ ۾ سمورين قوميتن سان تعلق رکندڙ ماڻهو آباد آهن. هن چيو ته پختون برادري سنڌ ۾ مختلف ڪاروبار ڪري رهي آهي ۽ صوبي جي معيشت ۾ ان جو وڏو ڪردار آهي. ڪجهه شرپسند صوبي ۾ لساني وڳوڙ ڪرائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. گورنر چيو ته ڪنهن به انسان جو قتل افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، اهڙي طرح ڪنهن جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ به مذمت جوڳو عمل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close