سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي حاضري لاءِ اهم قدم کڻندي حڪومت اسڪولن ۾ بايو ميٽرڪ ڊوائيس لڳائڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو ژآهي. تفصيل مطابق سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي غير حاضري سبب خراب تعليمي صورتحال کي بحال ڪرڻ لاءِ بايو ميٽرڪ سسٽم سان ڪم وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه ٻڌايو ته استاد صبح جو حاضري لڳائي گهر هليا وڃن ٿا، سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي بحالي لاءِ اهڙا قدم ضروري آهن. هن چيو ته بائيو ميٽرڪ ڊوائيس تي هاڻي اسڪول جو سمورو اسٽاف ڏينهن ۾ 3 ڀيرا حاضري لڳائيندو، صبح 8 وڳي، ڏينهن جو 12 وڳي ۽ منجهند 2 وڳي حاضري لڳائڻي پوندي. اسڪول ۾ بائيو ميٽرڪ ڊوائيس لڳائڻ هيڊماسٽر جي ذميواري هوندي. خيال رهي ته سنڌ صوبي ۾ خاص ڪري ٻهراڙين جي ڳوٺن ۾ سرڪاري اسڪولن جي صورتحال نهايت خراب آهي. شهر جي سرڪاري اسڪولن ۾ به استاد پنهنجي ڊيوٽي نه پيا ڪن، جنهن سان هڪ عرصي کان ٻارڙن جو مستقبل ۽ ان حوالي سان صوبي ۽ ملڪ جو مستقبل خراب ٿي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close