نيوسعيدآباد: نيوسعيدآباد واسي نوجوان شهيد بلال ڪاڪا جو ٽيجھو ڳوٺ فقير محمد ڪاڪا ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ عوامي تحريڪ جي سربراهھ اياز لطيف پليجو، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ جي مرڪزي چيئرمين پنھل ساريو، جسقم آريسر گروپ جي قائم مقام چيئرمين ارباب ڀيل، جنرل سيڪريٽري سرمد ميراڻي، تاج جويو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي، سنڌ سجاڳي فورم اڳواڻ وڪيل محب آزاد، اڳوڻو گسٽا اڳواڻ گلشير ڪوريجو، نوجوان اتحاد جي صوبائي صدر شعيب ڪاڪا، سارنگ ڪاڪا، ايس يو پي ضلعي مٽياري جي جنرل سيڪريٽري سھيل احمد قريشي، اڳوڻي ايس پي منٺار ڪاڪا ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٽيجهي جي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بلال ڪاڪا جي قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، حيدرآباد پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيده نظر نٿي اچي. قومپرست اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان وارثن سان هن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون بلال ڪاڪا نه رڳو اوهان جو شهيد آھي پر سموري سنڌي قوم جو شهيد آھي،شهيدن جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ اوهان سان گڏ هونداسين. هنن چيو ته سنڌ سنڌين جي آهي، افغان پناهگيرن سميت ڪنهن به ڌارئين جي ناهي، سرڪار کي افغاني پناهگيرن جي سهولتڪار ٿيڻ بدران کين واپس پنهنجي وطن افغانستان جلد کان جلد موڪلڻ جو قدم کڻڻ گهرجي، افغان پناهگيرن جي موجودگي سنڌ جي وجود، اقتصاديات ۽ امن لاءِ وڏو خطرو آهي. هنن چيو ته بلال ڪاڪا جي شهادت تي سنڌي قوم پاران ڪاوڙ ۽ غصي جو اظهار فطري ۽ سڀاويڪ آھي، اسين واضح ٿا ڪريون ته هي لساني جهيڙو ناهي پر هي نج قومي مسئلو آھي. هنن چيو ته سنڌ سرڪار، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي ذميواري آهي ته قاتل گرفتار ٿيڻ گهرجن. هنن چيو ته هن وقت به ڪراچي اندر سنڌي وسندين تي فائرنگ ۽ دهشتگردي ٿي رهي آهي، سنڌين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچايو پيو وڃي، سڀ دهشتگرد ۽ منشيات فروش روڊن تي آهن ۽ تشدد جون ڪاروايون ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته اسان جي پرامن احتجاج جي ردعمل ۾ هنن ڀڳوڙن افغاني دهشتگردن سهراب ڳوٺ ۾ سنڌين جي تذليل ڪئي، انهي جي مذمت ڪجي ٿي، سنڌ جا ماڻهو انهي کي برداشت نه ڪندا، حڪومت فوري طور تي دهشتگردن کي گرفتار ڪري. هنن چيو ته هي وطن سنڌين جو آهي، ٻاهران آيل ماڻهو غيرقانوني آهن، انهن کي پناهگير ڪئمپن ۾ هجڻ گهرجي، جيڪي قومون ملڪ جي اندر رهن ٿيون، انهن جو احترام آهي. هنن چيو ته ڪنهن جي به ڌمڪي يا دهشتگردي کان اسان ڊڄڻ وارا ناهيون، اسان پرامن قوم آهيون، جمهوريت تي يقين ۽ قانون جو احترام ڪندا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close