اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف قيادت خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي لا ڪميٽي قائم

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا بي اعتمادي رٿ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي ڪوٺيندي پي ٽي آ جي قيادت خلاف غداري جو ڪيس قائم ڪرڻ بابت ڪميٽي جوڙي ڇڏي. خاص ڪميٽي عدالتي فيصلي جي روشني ۾ قدمن جي حوالي سان تجويزون مرتب ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. عدالتي فيصلي ۾ واضح آهي ته اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، صدر، وزيراعظم آئيني عهدن جي تذليل ڪئي. ڪالهه ُسڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڪيس جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي. تيل اسمن جي عالمي قيمتن ۾ وڌيڪ لاٿ جي صورت ۾ رليف ڏيندا رهنداسين، ڪابينا ٻارڻ جي قيمتن ۾ لاٿ جي اعلان کان پوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙا گهٽائڻ لاءِ مڪمل مانيٽرنگ جي هدايت جاري ڪئي آهي. ڪابينا سمورن امدادي ادارن کي فيلڊ ۾ متحرڪ رهڻ ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم کي يقين آهي ته ملڪ هن معاشي بحران مان تڏهن نڪري سگهي ٿو جڏهن ملڪ جي معيشت سگهاري ٿيندي. ملڪ معاشي خودمختياري ڏانهن تڏهن وڌندو جڏهن اسان پنهنجن پيرن تي پاڻ بيهنداسين. جمعي تي وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت آئي ايم ايف سان ٿيندڙ معاهدا ۽ سپريم ڪورٽ جي بي اعتمادي رٿ بابت تفصيلي جو جائزو ورتو ويو. ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو ته فيصلي سان آئين جو تحفظ ٿيو. صحافين کي بريفنگ ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال تي غور ٿيو، ڪابينا اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ سبب فوتي ماڻهن جي ايصال ثواب لاءِ دعا گهري وئي ۽ هدايت ڪئي ته سندن وارثن کي رليف اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن جي سروي کان پوءِ جلد فراهم ڪيو وڃي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت آئي ايم ايف معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي جڏهن ان کي خبر پئي ته ان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ واري آهي ته ان هن معاهدي جون ڀڃڪڙيون ڪيون. وفاقي وزير چيو ته اسان هن معاهدي کي بحال ڪيو، ان سان گڏوگڏ حڪومت اهڙي بجيٽ پيش ڪئي جنهن ۾ عام ماڻهو کي رليف ملي رهيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم ناڻي وزارت سان گڏ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي ٽيم کي به ان ڏس ۾ مڪمل مدد فراهم ڪرڻ تي مبارڪ ڏني. هن چيو ته ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي مقرر ڪيل مدي کان وڌيڪ عرصو پاڪستان ۾ رهندڙ پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏني. ان ۾ کوڙ سارا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي گرفتار آهن انهن تي ڏنڊ ايترو ته گهڻو آهي جو انهن وٽ ڏنڊ ادا ڪرڻ لاءِ پئسا نه آهن. هن چيو ته هن اسڪيم تحت 4 لک 8 هزار جي لڳ ڀڳ پاڪستان ۾ رهندڙ پرڏيهي رهواسين کي 31 ڊسمبر 2022 تائين پاڪستان مان پنهنجي ملڪن ۾ وڃڻ جي مهلت ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 5 جولاءِ 2022 جي اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ 3 ملين ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي فيصلي جي توثيق ڪئي. وفاقي وزير چيو ته انهن فيصلن ۾ لگزري آئٽمز ٻاهران گهرائڻ تي پابندي لڳائڻ کان پوءِ پورٽن تي رڪيل واپاري سامان جي ڪليئرنس جو معاملو شامل هو. وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ان ڏس ۾ پابندي کان پوءِ ٻن هفتن اندر ايندڙ سامان کي پنج سيڪڙو جڏهن ته ان کان پوءِ ايندڙ سامان کي 15 سيڪڙو ڊيوٽي ادا ڪري ڪليئر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته نجڪاري ڊويزن، ڪابينا کي نجڪاري تي قائم ڪابينا جي سب ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي جنهن جي بنياد تي ڪابينا جي ٽو جي ڪمرشل ٽرازيڪشن آرڊيننس جي اصولي منظوري ڏني. هن چيو ته وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ گڏيل ٺهراءُ پاس ڪيو ويو جنهن ۾ بي اعتمادي رٿ جي خلاف پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جي آجيان ڪئي وئي. هن فيصلي ۾ اٿاريل نقطن تي عمل ڪرڻ، آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي سميت مستقبل جي قدمن بابت تجويزن جي تياري لاءِ ڪابينا جي خاص ڪميٽي جوڙي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته قانون واري وزير بئريسٽر اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي ۾ گهرو، سڌسماءَ جي وفاقي وزيرن کان علاوه اتحادي پارٽين جي سموري نمائندگي شامل هوندي. وفاقي وزير چيو ته هي خاص ڪميٽي پنهنجون تجويزون تيار ڪري ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. وفاقي وزير چيو ته هي فيصلو اڳوڻي حڪومت ۽ ان جي عهديدارن جي خلاف فرد جرم آهي، اهو ثابت ٿي ويو ته اڳوڻي حڪومت آئين ٽوڙيو. مريم اورنگزيب چيو ته بي اعتمادي رٿ جي خلاف 3 اپريل 2022 تي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي رولنگ کي غير آئيني ۽ قومي اسيمبلي جي تحليل کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته تفصيلي فيصلي سموريون حقيقتون چڱي طرح واضح ڪري ڇڏيون آهن ته پرڏيهي سازش جو بيانيو هٿ ٺوڪيو، ڪوڙو ۽ بي بنياد هو. هن چيو ته ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته معزز عدالت هي نقطو بيان ڪيو آهي ته جيڪڏهن هي ايڏو سنگين معاملو هجي ها ته ان وقت جي حڪومت ان تي ڪائي ڪارروائي ڇو نه ڪئي پر ان تي خاموشي ڇو ڪئي. هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ان سازشي بيانئي کي هڪ نه پر ٻه ڀيرا رد ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته ڪابينا اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال خلاف جنسي طور حراسان ڪرڻ جي سنجيده الزامن جي باضابطا ۽ شفاف جاچ لاءِ ڪميشن آف انڪوائري قائم ڪرڻ جي اصولي منطوري ڏني. اعظم نذير تارڙ کي ڪميشن جي ٽرم آف ريفرسز ۽ ان جي سربراهي لاءِ ٽن ماڻهن تي ٻڌل پينل تجويز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button