اسلام آباد :حڪومت طيبا گل اسڪينڊل تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته طيبا گل واري معاملي تي ڪابينا جي اجلاس ۾ بحث ڪيو ويو. ڪالهه وزيراعظم هائوس مان طيبا گل سان رابطو ڪيو ويو هو، جنهن دوران هن ٻڌايو ته کيس اغوا ڪري 18 ڏينهن تائين وزيراعظم هائوس ۾ رکيو ويو. طيبا گل کان سمورا ثبوت ورتا ويا آهن. وزيراعظم هائوس مان نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري کيس سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو. سڌ سماءُ واري وزير وڌيڪ چيو ته طيبا گل واري معاملي تي آزاد ۽ شفاف جاچ ڪميشن جوڙي ويندي ۽ ملوث ماڻهن خلاف انڪوائري ڪميشن جي راءِ پٽاندڙ ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته هن ڪميشن پٺيان ڪو به سياسي مقصد ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close