جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو ۽ مولانا ناصر محمود سومرو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جا ماڻھو پر امن رھن، جڏهن ته شرپسند عناصر امن جا دشمن آھن، سازش تحت خون خرابو ڪرڻ عقلمندي ناھي، ھلندڙ واقعي جي جاچ ٿيڻ گھرجي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت جي مجرمانه خاموشي غفلت جي ڪري امن و امان جي صورتحال خراب ٿي رھي آهي. هن چيو ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حالات وڌيڪ خراب ٿيڻ جي خواهشمند آهي، جڏهن ته هڪ سازش تحت سنڌ اندر پٺاڻ ۽ سنڌي فساد ڪرائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جيڪڏھن بر وقت ڏوهاري قانون جي گرفت ۾ اچي ھا ۽ ان جي رد عمل ۾ شرپسندي کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ھا ته حالات خراب نه ٿين ھا. عوام کي ڪنھن به صورت ۾ قانون ھٿ ۾ وٺڻ نه گھرجي پر قانوني رستو اختيار ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جيڪڏهن چاهي ها ته بروقت پوليس حرڪت ۾ اچي حالات کي ڪنٽرول ڪري وٺي ها. هنن چيو ته رياستي ادارا حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن ۽ جي يو آءِ جي ڪارڪنن کي ھدايت ٿي ڪجي ته هو سنڌ ۾ جيڪا باهه لڳي آهي ان کي وسائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close