لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني واسي سماجي ڪارڪن پنهنجي دوستن سان گڏجي ڦر واري واقعي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي وقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ آفتاب چانڊيو ۽ ٻين دانهيو ته گذريل رات شهر جي مصروف ترين وي آءِ پي روڊ زرعي ترقياتي بئنڪ ٻاهران موٽرسائيڪل سوار ٻن ڦورن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 46 هزار جو موبائيل فون ۽ 2 هزار روپيا ڦري تشدد ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. اطلاع باوجود پوليس نه پهتي. هن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي پر پوليس ٿاڻن تائين محدود ٿي وئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڦورن کي گرفتار ڪري موبائيل فون ۽ پئسا واپس ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close