پاڪستان

ريحام خان ٽين شادي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

پي ٽي آئي جي سربراهه اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي زال ريحام خان ٽين شادي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ علم نجوم جي ماهر پڻ ريحام خان جي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنوار بڻجڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. خانگي ٽي وي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ قرباني واري عيد جي موقعي تي هڪ ٽي وي شو ۾ ريحام خان شريڪ ٿي، جنهن ۾ هن پنهنجي اڳوڻين شادين ۽ ٻين معاملن تي ڳالهايو هو. جڏهن تھ شو ۾ موجود علم نجوم جي ماهر سامعا خان ريحام خان بابت ٻڌايو تھ 11 مئي 2022ع کان ريحام جا سٺا ڏينهن شروع آهن،

ريحام خان اداڪار نعمان اعجاز سان گڏ نظر اچي رهي آهي

هاڻ اها وڌيڪ لائيم لائيٽ نظر ايندي. اوهان ريحام خان بابت سٺيون خبرون ٻڌي سگهو ٿا، اهو ڌماڪو جولائي جي آخر ۾ بھ ٿي سگهي ٿو، تھ 20 ڊسمبر بعد شرنائين جي گونج (شادي) جا ڌماڪا ٿي سگهن ٿا. ميزبان نعمان اعجاز ريحام کان شادي بابت سوال ڪيو تھ هن وراڻيو، ٿي سگهي ٿي، هڪ ويجهي مائٽ عورت بھ چيو آهي تھ منهنجي هٿن ۾ ٽين شادي جي لڪير آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button