ڪراچي: موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا جو گهٽ دٻاءُ برقرار آهي ۽ ان جي پکيڙ ڏکڻ اوڀر سنڌ تائين آهي. هوا جو اهو گهٽ دٻاءُ اتر اوڀر عربي سمنڊ ۽ رڻ آف ڪڇ هندستان ويجهو شدت اختيار ڪري ويو آهي. موسميات کاتي موجب ان سلسلي جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ 18 جولاءِ تائين گجگوڙ سان تيز برسات جو امڪان برقرار آهي. ان کانسواءِ حيدرآباد، ٺٽي، بدين، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊي الهيار، سانگهڙ، نوابشاهه، نوشهري فيروز، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، قمبر، شهدادڪوٽ، دادو، ڄامشوري، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ به گجگوڙ ۽ طوفان سان برسات پئجي سگهي ٿي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سمنڊ غير هموار حالت کي نظر ۾ رکندي مهاڻا 18 جولاءِ تائين سمنڊ ۾ نه وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close