حيدرآباد: سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي پاران گڏيل جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته حيدر آباد ۾ بلال ڪاڪا جي قتل جي واقعي جي سنڌ هاري ڪاميٽي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ۽ واقعي کانپو جي پيدا ٿيل صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿي، اڳواڻن چيو ته 1978ع کان افغانستان ۾ ٿيندڙ خاناجنگي واري صورتحال دوران افغان پناهگير پاڪستان آيا جنهن ۾ معاهدو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ 4 سيڪڙو، پنجاب ۾ 11 سيڪڙو ۽ ٻين کي ڪي پي ڪي ۾ ڪئمپن ۾ رهائڻ جو معاهدو ڪيو ويو هو، جنهن تي عمل نه ڪيو ويو، سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو.
سنڌ ۾ افغاني، بهارين ۽ بنگالين سميت ٻين کي غيرقانوني ماڻهن کي رهايو ويو، سنڌ مسلسل غيرقانوني آيل ڌارين جي نيڪالي لا پر امن احتجاج ڪندي رهي آهي پر احتجاجن کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو، تازي سنڌ ۾ پيدا ٿيل صورتحال سنڌ ۽ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، سنڌ امن واري ڌرتي رهي آهي. سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به حملي آور ناهن رهيا، سنڌ پنهنجي بچاءُ لا وڙهي آهي، پرامن احتجاج ڪندڙن تي سنڌ حڪومت ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سنڌين جي پرامن احتجاجن کي دٻائڻ گهري ٿي، سنڌ حڪومت جي اهڙي روش ناقابل برداشت آهي، سنڌ هاري ڪاميٽي مطالبو ڪري ٿي ته پاڪستان ۽ سنڌ ۾ غيرقانوني آيل سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي.