
راڌڻ: راڌڻ ۾ 4 ڏينهن اڳ لاشاري ۽ سرگاڻي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار ۾ مارجي ويل مامي ڀاڻج غلام حيدر سرگاڻي ۽ امجد سرگاڻي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار نظير احمد لاشاري ۽ وسيم علي لاشاري جي راڌڻ پوليس گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آھي. ياد رهي ته متاثر ڌر جي ماڻهن راڌڻ ۽ ميھڙ ۾ جوابدارن جي گرفتاري لا احتجاج ڪيا ھئا. واضح رهي ته زرعي زمين جي مالڪي تان جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين جا چار ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن.