پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ برساتن ۽ تيز وهڪري سبب نارا ڪئنال کي روڻيون، بند ڪمزور

سانگھڙ: سانگھڙ ويجهو برسات ۽ پاڻي جي تيز وھڪري سبب نارا ڪئنال جا آر ڊي 149 وٽان ڪپر ڪمزور ٿي ويا، پر آبپاشي کاتي جي عملدارن مرمت لا ڪي به اپا نه ورتا. ڳوٺ پير بخش جمالي جي ڳوٺاڻن آبپاشي عملي جي نااهلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام محمد، فيض محمد، علي محمد جمالي ۽ الو ھنڱورو چيو ته ھاڻوڪي برساتن سبب نارا ڪئنال ۾ پاڻي جي چاڙهھ ڪري آر ڊي 149 وٽان ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن، جنهن سبب بندن ۾ روڻيون پئجي ويون آھن، ڪنهن وقت به بند ٽٽڻ جو خطرو آھي، آبپاشي عملدارن کي اطلاع ڪيو آهي، پر عملدارن ڪوبه تحرڪ ناھي ورتو، بند کي ڪو نقصان ٿيو ته نارا ڪئنال جو پاڻي سڄي علائقي کي ٻوڙي ڇڏيندو. هنن سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي جلد بند جي مرمت ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button