اسلام آبادپاڪستانپنجاب

شهباز گل زوري گرفتاري ڏني،شرقپوري ضرور پئسا ورتا هوندا:گهرو وزير

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شهباز گل هٿياربندن سان گڏ هو، جنهن جي قانوني حيثِيت ناهي. جڏهن ته گل زمان چوڌري پرويز الاهي جو فرنٽ مين آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس راڻا ثناءُ الله چيو ته هڪ نجي ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊ کي ايف سي جهڙي وردي پارائي وئي، ڪمپني تي پابندي هنئي ويندي ۽ سخت قدم کڻنداسين. هن چيو ته گل زمان چوڌري پرويز الاهي جو فرنٽ مين آهي. پرويز الاهي کي عمران خان ڦورو چوندو هو. هن چيو ته شاهه محمود قريشي ڪنهن جي فيڪٽري تي ڪاهه ڪئي، شاهه محمود قريشي کي خبر آهي ته هو هارائي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته شهباز گل زبردستي گرفتاري ڏني، اسان جو شهباز گل کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو، جيڪو به غير قانوني ڪم ۾ ملوث هوندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته جليل شرقپوري ڪو چڱو ماڻهو ناهي، ان ضرور پئسا ورتا هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button