پاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ ننڍي چونڊ دوران جهيڙا،هڪٻئي کي مارڪٽ،ڪميشن نوٽيس ورتو

لاهور : پنجاب جي ننڍي چونڊ دوران مختلف هنڌن تي تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ ڪارڪنن ۾ جهيڙن جا واقعا به پيش آيا.پي پي 97 فيصل آباد ۾ پولنگ اسٽيشن نمبر 72 تي سياسي مخالفن وچ ۾ بزرگ شهري سان هڪ ٻئي شخص کي پولنگ بوٿ ۾ وڃڻ کان روڪڻ تي جهيڙو ٿيو، پولنگ ايجنٽ ۽ ووٽر سان گڏ آيل شخص جي جهيڙي ۾ بيلٽ پيپر ڦاٽي پيو ۽ ان دوران پولنگ جي وڏي نفري به پولنگ اسٽيشن پهچي وئي. ٻئي پاسي پي پي 158 لاهور ۾ ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪنن ۾ پولنگ اسٽيشن اندر وڃڻ تي جهيڙو ٿيو. ان دوران تحريڪ انصاف ڪارڪنن ن ليگ ڪارڪن جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن الزام هنيو ته اسان کي اندر وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي. ن ليگ اميدوار راڻا احسن شرافت ۽ ايم پي اي بلال اڪبر جي پي ٽي آءِ اڳواڻ جمشيد اقبال چيما سان ڏند چڪ به ٿي. راڻا احسن شرافت چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي شڪست ڏسي وائڙي ٿي وئي آهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن پي پي 158 لاهور جي پولنگ اسٽيشن ۾ ٿيندڙ جهيڙي جو نوٽيس وٺندي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر کي واقعي جو جائزو وٺڻ ۽ سيڪيورٽي اختيارين سان رابطو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. پوليس موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ جمشيد اقبال چيما کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي پي 158 ۾ ن ليگ جي زخمي ڪارڪن جمشيد اقبال چيما تي تشدد ڪرائڻ جو الزام هنيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button