پاڪستانسنڌ

نندو ۾ نوجوان نياڻي برسات جي بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت

نندو: نندو شھر جي وارڊ نمبر هڪ عيد گاهه پاڙي ۾ برسات جي بيٺل پاڻي ۾ 15 ورهين جي نياڻي فرزانه ڌي عباس علي شاهه ٻڏي فوت ٿي وئي. فوت ٿيل نياڻي جي وارثن عباس شاهه، علي بهادر شاهه، حاڪم شاهه ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته نندو جي عيد گاهه پاڙي ۾ برسات جي پاڻي بيهڻ سبب گهر طرف ايندڙ نياڻي فرزانه شاهه جو پير ترڪڻ سبب ٻڏي وئي جنهن کي نندو رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو جتي هو وفات ڪري وئي، نياڻي کي مرگهي جو اثر پڻ هو. هنن نندو ٽائون انتظاميا تي الزام هڻندي چيو ته بار بار ٽائون انتظاميا کي چوڻ باوجود برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهيو جنهن سبب هي واقعو پيش آيو. جڏهن ته نياڻي جو مڙهه قبرستان کڻي وڃڻ وقت وارڊ نمبر1 جا روڊ رستا مڪمل برساتي پاڻي ۾ ٻڏل ھجڻ سبب وارثن سخت تڪليف کي منھن ڏيندي جنازي کي اڌ ڪلوميٽر تائين بيٺل گند برساتي پاڻي مان گذاري قبرستان تي پھچايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button