ماتلي: ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران ڪوڙا کائيندڙ، جيل جون صعوبتون برداشت ڪندڙ ۽ ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌي زبان ۾ بجيٽ پيش ڪندڙ لانگ مارچ جي ھيرو شھيد ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو جي 29 ھين ورسي ماتلي ۾ سندس مزار آڏو ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪري مزار تي پارٽي جي جھنڊي ۽ گلن جون چادرون چاڙھيون ويون. ورسي جي سادي تقريب ۾ وڏي وزير جي صلاحڪار تنزيلا قمبراڻي، پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو، ايم پي اي ماتلي جي ڪوآرڊينيٽر صالح ھاليپوٽو، پي پي تعلقي ماتلي جي صدر گل محمد سريوال، سليم يوسف اڍيجو سميت وڏي انگ ۾ پي پي ڪارڪنن ۽ شھرين شرڪت ڪئي،
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close