لاهور:پنجاب اسيمبلي جي 20 سيٽن تي ننڍي چونڊ ۾ نوازليگ کي پي ٽي آ بدترين شڪست ڏئي ڇڏي آهي. غيرحتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف ملتان، ڊيرا غازي خان، ساهيوال، شيخوپورا، جهنگ، ليا، خوشاب ۽ لاهور جي ٽن تڪن سميت 7 سيٽن تي باضابطا ڪاميابي ماڻي ورتي آهي ۽ ان کي وڌيڪ 09 سيٽن تي پڻ سرسي حاصل آهي. جڏهن ته حمزا شهباز جي وڏ وزارت کي يقيني خطرو پئجي ويو آهي. ڪالهه پنجاب جي 14 ضلعن جي 20 سيٽن تي پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جاري رهي. ننڍي چونڊ ۾ 175 اميدوارن حصو ورتو، 20 سيٽن تي ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ سخت مقابلو رهيو آهي. ن ليگ کي پنجاب ۾ وڏ وزارت برقرار رکڻ لاءِ 11 سيٽن جي ضرورت هئي. جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي ننڍي چونڊ ۾ پولنگ کانپوءِ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. هيل تائين جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ 5 سيٽون کٽي ورتيون آهن ۽ ان کي 12 سيٽن تي سرسي حاصل آهي. لاهور جي ضمني چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف 4 مان 3 تڪن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف لاهور جي تڪ 158 تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. پي ٽي آءِ اميدوار ميان عثمان اڪرم مسلم ليگ ن جي اميدوار رانا احسن شراف کي شڪست ڏئي ڇڏي. ان کان علاوه پي پي 167 (لاهور) جي سمورن پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ جو شبير گجر 40 هزار 511 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته ن ليگ جو نذير چوهاڻ 26 هزار 473 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو. پي پي 170 (لاهور) جي سمورن پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار ظهير عباس کوکر مسلم ليگ ن جي اميدوار امين ذوالقرنين کي شڪست ڏئي ڇڏي. ظهير عباس 24 هزار 688 ووٽ حاصل ڪيا. جڏهن ته محمد امين ذوالقرنين 17 هزار 519 ووٽ حاصل ڪيا. ٻئي طرف غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) لاهور جي 4 بلدياتي سيٽن مان رڳو هڪ تي ڪامياب ٿي آهي. لاهور جي تڪ پي پي 168 تي مسلم ليگ ن جي اميدوار اسد علي کوکر تحريڪ انصاف جي اميدوار نواز اعواڻ کي شڪست ڏئي ڇڏي. اسد علي کوکر کي 26 هزار 169 ووٽ مليا جڏهن ته نواز اعواڻ کي 15 هزار 767 ووٽ مليا. اليڪشن ڪميشن کي پي پي 228 (لوڌران) جي مڪمل پولنگ اسٽيشنز جا چونڊ نتيجا ملي ويا آهن، جنهن موجب آزاد اميدوار پير رفيع الدين 45 هزار 20 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب پي ٽي آءِ جو ڪپتان عزت خان 38 هزار 338 ووٽ کڻي ٻئين جڏهن ته ن ليگ جو نذير خان 34 هزار 929 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي آهي. ملتان ۾ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 217 ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي ميدان ماري ورتو آهي، تڪ جي مڪمل 124 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب زين قريشي 46963 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. جڏهن ته ن ليگ جي محمد سلمان 40104 ووٽ کنيا. پي پي 288 ڊيرا غازي خان جي سڀني 145 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب تحريڪ انصاف جو محمد سيف الدين کوسا 58015 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي. جڏهن ته ن ليگ جي عبدالقادر خان 32487 ووٽ کنيا آهن. پي پي 158 لاهور جي سڀني 151 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي ميان اڪرم عثمان 36 هزار 888 ووٽ کڻي ميدان ماري ورتو، جڏهن ته ن ليگ جي راڻا احسن شرافت 31 هزار 447 ووٽ کنيا. اهڙي طرح پي پي 83 خوشاب جي سڀني 215 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي ملڪ حسن اسلم خان 48 هزار 475 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي. جڏهن ته آزاد اميدوار محمد آصف ملڪ 41 هزار 752 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. تحريڪ انصاف پنجين سيٽ ساهيوال جي تڪ پي پي 202 ۾ کٽي آهي. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب اتان تحريڪ انصاف جي ميجر (ر) غلام سرور 61 هزار 989 ووٽ کنيا، جڏهن ته ن ليگ جو ملڪ نعمان لنگڙيال 59 هزار 167 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. واضح رهي ته 20 تڪن ۾ 45 لک کان وڌيڪ ووٽرن لاءِ 3131 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، جن مان 676 کي انتهائي حساس ۽ 1194 کي حساس قرار ڏنو ويو. جڏهن ته اتي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون ويون هيون. چونڊن دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکن لاءِ پوليس سان گڏ رينجرز ۽ ايف سي کي به مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته گهرو وزارت ۾ به ننڍي چونڊ دوران امن امان لاءِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو، مانيٽرنگ سيل اڻ وڻندڙ واقعي تي فوري طور ريسپانس لاءِ قائم ڪيو ويو. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ واضح برتري تي “بس نالو رهي الله جو” جي عنوان سان پوسٽ شيئر ڪئي آهي. عمران خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيل هڪ پوسٽ ۾ فيض احمد فيض جي شاعري تي مشتمل هڪ پوسٽ شيئر ڪئي. سوشل ميڊيا تي “جيڪو غائب به آهي ته حاضر به، جيڪو ظاهر به آهي ته ناظر به” واري پوسٽ تي مشتمل پوسٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close