لاڙڪاڻي جي ٍشاهه بهارو ڪالوني جي رهواسين گم ٿيل 12 ورهين جي نينگر جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت نسيم خاتون انصاري، شبروز خاتون ۽ ٻين ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته ڪالهه منهنجو 12 ورهين جو پٽ پنجين ڪلاس جو شاگرد ارشاد علي انصاري صبح وقت گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو، جنهن جي ڳولا مٽن مائٽن وٽ ڪرڻ سميت اهڙو اطلاع حيدري ٿاڻي تي ڏنو آهي پر تنهن باوجود پٽ بابت ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. پٽ جي گم ٿيڻ کان پوءِ اسان سمورا گهرڀاتي سخت پريشان آهيون. هن ضلعي انتظاميا سميت ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close