لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ مير خان کوسو جي رهواسڻ مبينا جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل نوجوان ناري پنهنجي پيرسن والدين سان گڏجي انصاف لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان ناري پنهنجي پيرسن والدين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 22 جنوري رات جو 5 جوابدارن گهر تي چڙهائي ڪري هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري نامعلوم هنڌ تي بند ڪري ڇڏيو، جتي هڪ جوابدار مون کي 3 مهينن تائين مسلسل جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، بعد ۾ وجهه وٺي نڪري پنهنجي والدين وٽ آيس ۽ واقعي جو ڪيس ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدارن مٿان داخل ڪرائڻ سان گڏ مقامي عدالت ۾ پهچي درخواست داخل ڪرائي جتي بااثرن ڪوڙو نڪاح نامو پيش ڪندي عدالت مان ضمانت ڪرائي ۽ هن وقت جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هن وڏي وزير ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close