سنڌ

سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي(جيڪب آباد ۾ اي پي سي)

جيڪب آباد ۾ جي يو آئي پاران سنڌ ۾ امن گهرجي جي عنوان سان اي پي سي ڪوٺائي وئي. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻ فساد کي لساني سازش قرار ڏنو ويو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ ۽ بلال ڪاڪا جي خون سان انصاف جو مطالبو ڪيو ويو. جمعيّت علما اسلام پاران سنڌ ۾ امن کپي جي موضوع تي ھڪ آل پارٽي ڪانفرنس ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي صدارت هيٺ جي يو آئي آفيس جيڪب آباد ۾ ٿي گذري. اي پي سي ۾ ڊاڪٽر اي جي انصاري، عبدالجبار رند، ايس ٽي پي جي عبدالستار جاگيراڻي، پ پ ش ڀ سعید احمد بروھي، گلاب جان مينگل، ايس يو پي جي فدا احمد لکڻ، عبدالحئي سومرو، حماداللہ انصاري، شاھد جوادي، مولانا رفيق احمد فخري، آغاسيف الدين، نثار احمد ویسر، ممتاز علي، عبدالنبي لاشاري، عابد سنڌي، چاڪر خان جکراڻي، جان پرويز، تاج امروٽي سميت سياسي، ديني قومپرست، سماجي، واپاري اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. اي پي سي ۾ اڳواڻن تقريرن ۾ چيو ته سنڌ امن جو گلدستو آهي پر سنڌين کي ڀت سان لڳائڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، بلال ڪاڪا جي قتل کانپوءِ سازش تحت نسل پرست سنڌين ۽ پٺاڻن کي وڙهائي خون خرابو ڪرڻ چاهين پيا پر سنڌ جي سجاڳ ڌرين ان کي رد ڪندي سنڌ کي فسادن جي باهه کان بچايو، جي يو آ جي سڏايل اي پي سي ۾ اڳواڻن چيو ته سنڌ هميشه لسانيت، فرقيواريت، نسلي،مذھبي ۽ قبائلي جهيڙن کي روڪڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو آهي. هنن چيو ته ڌارين جي آبادڪاري سان سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪِئي وڃي ٿي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت پنجاب جي حڪومت جي طرز تي ڌارين جي آباد ڪاري روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي پرامن احتجاج ڪندڙ گرفتار تمام سنڌين کي آزاد ڪيو وڃي. بلال ڪاڪا جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. بلوچستان ۽ ٻين جڳھين تي سنڌ جي ماڻهن کي بسن مان لاهي نشانو بڻائڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button