سنڌ

رستم ويجهو تيز رفتار موٽرسائيڪل ڀت سان ٽڪرائجڻ سبب ڀائي ڀيڻ فوت

رستم ويجهو تيز رفتار موٽرسائيڪل ڀت سان ٽڪرائجڻ سبب نوجوان ڀيڻ سميت ٿڏي تي فوت ٿي ويو. رستم ويجهو رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ سردار خادم حسين جتوئي ويجهو 16 ورهين جو نوجوان گلشير عرف ڀورو پٽ سٻايو ڪمالاڻي پنهنجي 9 ورهين جي ڀيڻ حور ڪمالاڻي سان گڏ دوا وٺڻ لا خانپور شهر ڏانهن موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته تيز رفتار سبب موٽرسائيڪل جو ڀت سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ فضلي جتوئي جو رهواسي گلشير ڪمالاڻي پنهنجي ڀيڻ 9 ورهين جي حور خاتون سميت سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن بروقت خانپور اسپتال پهچايو پر نوجوان پنهنجي ڀيڻ سميت رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. نوجوان ڀا ۽ ڀيڻ جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. رستم پوليس موجب موٽرسائيڪل ڀت سان ٽڪرائجڻ سبب واقعو پيش آيو آهي، وارثن ضروري ڪارروائي لا به لاش اسپتال نه آندا ۽ ٻنهي لاشن کي وارث پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا آهن. وارثن جو چوڻ هو ته موٽرسائيڪل ڀت سان ٽڪرائجڻ سبب حادثو ٿيو آهي. اسان ڪا به قانوني ڪارروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button