ڪراچي جي علائقي موسيٰ ڪالوني ۾ پنج ماڙ رهائشي عمارت ڊهي پئي، عمارت ڪرڻ جي واقعي ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. پنج ماڙ عمارت ڊهي ڪرڻ سان عمارت لڳ ٻه ماڙ عمارت ۾ به ڏار پئجي ويا، جنهن کي ڪيرايو پيو وڃي، عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾عمارت جي سامهون لڳل پي ايم ٽي به ڪري پئي، پوليس مطابق ڪريل عمارت کي پهريان ئي خطرناڪ قرار ڏئي رهواسين کان خالي ڪرايو ويو هو، عمارت ڪرڻ جو اطلاع ملندي پوليس ٿڏي تي پهتي ۽ واقعي واري هنڌ کي عوام لاءِ بند ڪري ڇڏيو، عمارت ڪرڻ کان پوءِ ڪريم آباد کان ضيا الدين اسپتال ويندڙ ٻئي رستا بند ڪيا ويا. ٽريفڪ پوليس مطابق ٽريفڪ کي ڪريم آباد کان عائشه منزل ۽ ضيا الدين کان لنڊي ڪوتل چورنگي اماڻيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي سينٽرل طاحه سليم جو چوڻ آهي ته ان کي به عمارت ٽيڙي ٿي وڃڻ جو اطلاع مليو هو، جنهن تي هن عمارت ۽ ڀرسان عمارت کي به خالي ڪرايو، صبح عمارت ڊهي ڪرڻ جو اطلاح مليو. ڊپٽي ڪمشنر مطابق هن واقعي ۾ ڪنهن قسم جو جاني نقصان ناهي ٿيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close