سنڌ

ڪراچي پوليس احتجاج ڪندڙ استادن تي ڪڙڪي پئي،وحشياڻو تشدد

ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پوليس ڏيڍ سئو کان وڌيڪ استادن کي لٺبازي بعد لاڪپ ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ استادن نوڪري تي مستقل ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب کان سي ايم هائوس ڏانهن مارچ شروع ڪيو ته پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، پوليس مظاهرين کي سي ايم هائوس(ريڊ زون) ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇڪتاڻ ٿي، جنهن دوران استادن مٿان لٺيون وسائڻ سان گڏ وٺ پڪڙ به ڪئي وئي. ڏيڍ سئو کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته احتجاج دوران ماسترياڻين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هڪ ماسترياڻي کي عورت پوليس اهلڪارن وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، کيس گهلي موبائل ۾ وڌو ويو. گرفتار ڪيل استادن کي آرٽلري ميدان ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ استاد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، سنڌ سرڪار سندن مطالبا تسليم ڪري، کين لٺيون کائڻ جو شوق نه آهي. استاد اڳواڻن الزام هنيو ته پوليس لٺبازي دوران ڪيترن ئي مظاهرين کي کنڀي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پرامن احتجاج دوران تشدد پڻ ڪيو ويو. هوڏانهن تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه احتجاج ڪندڙ استادن کي طلب ڪري ورتو آهي. سردار شاهه جو چوڻ آهي ته استاد اڳواڻن سان اڄ ڳالهيون ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button