سامارو: سامارو ۾ شھرين، سياسي سماجي ڪارڪنن محمد عظيم خاصخيلي، خميسو ڪنڀر، ھيمن ميگھواڙ، ھوتو مل مالھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته 20 ڏينھن اڳ صوبائي ھائي وي کاتي پاران سامارو جي ڪنري روڊ جي شبير واٽر کان شھر جي شاهھ لطيف چوڪ کان مٺڙائو ڪئنال جي 65ريگيوليٽر تائين نئين تعمير ٿيندڙ 5 ڪلوميٽر بليڪ ٽاپ روڊ ۾ ٺيڪيدار ناقص مٽيريل استعمال ڪري رهيو آهي، ٺيڪيدار ڏامر بدران ڪارو تيل استعمال ڪري پيو، جنھن سبب نئون تعمير ٿيل روڊ 20 ڏينھن اندر ھنڌان ھنڌان اکڙي تباهھ ٿي رھيو آھي. ھنن چيو ته تعمير ٿيل روڊ ۾ صوبائي ھائي وي کاتي جي عملدارن ۽ ٺيڪيدار جي ملي ڀڳت سان وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آھي. ھنن اعلى اختيارين کان گھر ڪئي ته روڊ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال جو نوٽيس وٺي عملدارن ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close