پاڪستانسنڌ

خانپور مهر ۾ ٻن پورهيت ڀائرن کان ڏيڍ لک رپيا ڦر

خانپورمهر: خانپور مهر شهر ۾ سبزي ۽ فروٽ جي ريڙهي هلائيندڙ ٻن ڀائرن پنهل ۽ روشن سيال کان مٺڙي اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربند ڏيڍ لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن ڦُر واقعي خلاف سبزي ۽ فروٽ هلائيندڙ مزدورن محمد علي انصاري، بابو مهر، پنهل سيال ۽ روشن سيال جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پورهيتن چيو ته مٺڙي اسٽاپ وٽ هر روز ڪنهن نه ڪنهن مزدور کان ڦر ڪئي وڃي ٿي، پر پوليس تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناہي. مٺڙي اسٽاپ وٽ لڳايل پوليس چوڪي ختم ڪري ڦورن کي ڦرلٽ ڪرڻ جي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، هٿياربند هٿيارن جي زور تي پورهيت ڀائرن کان ڏيڍ لک رپيا ڦر ڪري ويا. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي مٺڙي اسٽاپ وٽ چوڪي لڳائي تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button