حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي ۾ استادن جي احتجاج دوران پوليس جي چڙهائي، تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن م مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي هر دفعي روزگار جو حق گهرندڙ استادن تي پوليس بگهڙين وانگر ڪڙڪي ٿي پئي، نياڻين کي ٻانهن ۽ وارن کان پڪڙي تذليل ڪئي ٿي وڃي. هنن کان ڪو به پڇڻ وارو ناهي. هن چيو ته استاد پنهنجي حقن جي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن.
حڪومت جو فرض آهي ته اها استادن سان ڳالهيون ڪري سندن مسئلا حل ڪري پر هتي سنڌ حڪومت جا ٻٽا معيار جڙيل آهن، هڪ پاسي هٿيار کڻي ڌاريا روڊ بند ڪري ويهن ٿا ته انهن سان ڳالهيون ٿيون ڪيون وڃن، ٻئي پاسي پنهنجي جمهوري حق کي استعمال ڪندي استاد خالي هٿين احتجاج ڪن ٿا ته انهن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو وڃي ٿو. حڪمرانن جا اهڙا قدم جمهوريت جي منهن تي زوردار چماٽ آهن. هن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته فوري طور سنڌ حڪومت استادن کي معافي وٺي ۽ سندن جائز مطالبا تسليم ڪري.