حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ هڪ هفتو اڳ هوٽل تي ماني کائڻ دوران هوٽل مالڪ هٿان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ، پوليس پاران ڪيس جو رخ تبديل ڪرڻ خلاف ڪالهه به مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ مقتول جي وارثن، سول سوسائٽي، قومپرستن، وڪيلن، نوجوانن، عورتن توڙي ساڃاهه وندن پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍي ايس ايس پي آفيس ۽ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي مقتول جو خون لوڙهيندڙ پوليس آفيسرن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ايس ايس پي آفيس آڏو مقتول بلال ڪاڪا جي وارثن ڀاءُ عبدالسلام ڪاڪا، پاران ڪيل احتجاج ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ قومپرستن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، زوهيب سنڌي، سعدالله پنهيار ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد جي دل قاسم آباد واڌو واهه باءِ پاس تي قائم هوٽل تي ماني کائڻ دوران بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل واقعي کي هڪ هفتي کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، پر ڀٽائي نگر ٿاڻي جو ايس ايڇ او زياد نوناري مقتول جي وارثن جي ٻڌڻ بدران جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، جيڪو اصل جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي ۽ ڪيس خراب ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته مقتول جا وارث ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن ۽ قاتل سري عام گهمي رهيا آهن.
هنن چيو ته پوليس جي اهڙي نااهلي، سستي جو ڪو به بالا آفيسر نوٽيس نه پيو وٺي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او زياد نوناري کي هٽائي واقعي جي جاچ ڪنهن ايماندار آفيسر کي ڏني وڃي، مقتول جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي طرف قاسم آباد نسيم نگر کان شاگردياڻين ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي سنڌو مڱريو، طاهرا ڪوريجو، ڪرن، پنهل ساريو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پيادل مارچ ڪري ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو هڻڻ کانپوءِ حيدرآباد پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته نوجوان اتحاد پاران قاسم آباد ۾ قتل ٿيل بلال ڪاڪا جي اصل قاتلن جي گرفتاري ۽ ڌاري آباد ڪاري خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي جاني جمالي، جهانزيب ميراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. نوابشاهه ۾ قومي ڪارڪنن پاران انيلا رفيق ملاح، رفيق ملاح، جسقم جي طارق سمون، فراز عباسي، سنڌي ادبي سنگت جي بخشل باغي، ستار سندر، مير بيتاب پريو، جساف جي حنان عباسي، جسم جي فرحان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
گولاڙچي ۾ جيئٔي سنڌ قومي محاذ طرفان ناز نوتڪاڻي، لعل بخش چانڊيو، محفوظ سنڌي، مختيار چانڊيو، سليم نوحاڻي، اختر نوتڪاڻي، امداد سنڌي، عاشق نوحاڻي، قربان جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جي ايم سيد چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ڏيئي شهر ۾عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ مهراڻ درس، مرتضى شام، مرتضى جمالي، سريش ڪمار، رمضان رستماڻي، دليپ ڪمار وسن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حسيني چوڪ کان ريلي ڪڍي فاضل چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. شاهپورچاڪر ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سبحاني ڏاهري، سنڌ سرتيون جي مرڪزي اڳواڻ زاهده ڏاهري، عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي آرگنائيزر عالم لغاري، عبدالستار رند، مريم انڙ، ڊاڪٽر راڻو خان ڪنڍاڻي جي اڳواڻي ۾ مين ناڪي کان ريلي ڪڍي وئي. ميرپوربٺورو ۾ عوامي تحريڪ پاران پرويز ميمڻ، حسين زاد عزيز ميمڻ، ساگر پرهياڙ، جي اڳواڻي ۾ جعفر پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. پيروسڻ ۾ نوجوان اتحاد ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن منظور سنڌي، باسط سومرو، علي زيب جمالي، عزيز الله منڱريو، زاھد گُل مجيداڻو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو.