نيويارڪ: عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي وئي، برينٽ ڪروڊ آئل جي قيمت 103 ڏهائي 2 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائي کي ڏسندي ڪچي تيل جي اگهن ۾ اڃا واڌ ٿي وئي آهي، ڪچي تيل جي قيمت ۾ 2 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، برينٽ ڪروڊ آئل جي قيمت 103.2 ڊالر في بيرل، جڏهن ته ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جي قيمت 99.4 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. واضح رهي ته آمريڪا طرفان سعودي عرب تي تيل جي پيداوار وڌائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي پر سعودي عرب في الحال ان تي راضپو ظاهر ناهي ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close