لاهور: پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي ئي 20 سيٽن مان 5 سيٽون هارائڻ تي وڌيڪ وهم ۾ اچڻ جي ضرورت ناهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تي توهان جي حملي جو ڪارڻ ڌانڌلي (جيڪا ٿي ئي ناهي) نه پر پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جو خوف آهي. هن چيو توهان کي خبر آهي ته ان ۾ توهان خلاف ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت سامهون اچي چڪا آهن، جنهن جو منظر تي اچڻ اڻٽر آهي. مريم نواز اليڪشن ڪميشن کان به مطالبو ڪيو ته هو ان ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌائي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close