پريالو ويجهو نوجوان غلام فريد شيخ زهريلي دوا پيئڻ سبب بيهوش ٿي ويو، جنهن کي وارثن چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو جتي هو فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ فوتي جي ڀاءُ وقار احمد شيخ جو چوڻ ھو ته اسان جي ڀاءُ آپگھات نه ڪيو آھي پر هن جا هڪ عورت سان تعلقات هئا ۽ ڪجهه وقت کان هنن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيا هئا ۽ اڄ صبح جو ان عورت اسان جي ڀا کي دوکي سان پنھنجي گھر ۾گھرايو هو، جتي کيس ڪولڊ ڊرنڪ ۾ زھر ملائي پياريو هو، جنھن کانپو گھر واپس آيو ته سندس طبيعت خراب ٿي پئي، جنھن کي سول اسپتال خيرپور آندو، جنهن کانپو سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال کڻائي وياسين جتي هو فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او پريالو صادق ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته نوجوان جي وارثن اسان کي پهرين خودڪشي ٻڌايو ۽ بعد ۾ هنن هڪ عورت پاران زهر ڏيئي مارڻ جو اطلاع ڏنو آهي، وارثن واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ پوسٽ مارٽم ٿيڻ کانپو ئي اصل حقيقتون سامهون اينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close