پاڪستان

مهانگائي ۽ لوٽن کي ٽڪيٽ، ن ليگ جي شڪست جو ڪارڻ قرار

لاهور: پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ شڪست جي ڪارڻن بابت رپورٽ مسلم ليگ ن جي قيادت کي پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عوام باغي ميمبرن کي قبول نه ڪيو، پيٽروليم ۽ بجلي جي اگهن ۾ اضافو شڪست جو ڪارڻ بڻيو. رپورٽ مطابق پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ ناڪامي کانپوءِ وزيراعـظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ ننڍي چونڊ ۾ ناڪامي تي پارٽي اڳواڻن پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي، رپورٽ راڻا ثناءُ الله، خواجا سعد رفيق ۽ اياز صادق پيش ڪئي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ چيو ويو ته مسلم ليگ ن جن اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏني، اهي ناڪامي جو سبب بڻيا، مناسب اميدوار نه هجڻ ڪري ن ليگي ووٽرن ووٽ نه وڌو. ذريعن موجب رپورٽ ۾ چيو ويو ته ن ليگ اڳواڻ پنهنجي ووٽرن کي پولنگ جي ڏينهن گھرن مان به نه ڪڍي سگھيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته پارٽي اميدوارن جي ناڪاميءَ جو هڪ ڪارڻ مهانگائي به هئي. اجلاس ۾ ننڍي چونڊ ۾ شڪست سان گڏ ايندڙ سياسي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيش ڪيل رپورٽ مطابق ننڍي چونڊ واري تڪن ۾ ليگي ڪارڪنن مخالف پارٽي مان لوٽا بڻجي آيلن کي دل سان قبول نه ڪيو، پارٽي عهديدارن، پراڻي ٽڪيٽ هولڊرز ۽ اڳوڻي مڪاني نمائندن چونڊ مهم ۾ محنت نه ڪئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مهانگائي جي انتهائي شرح ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪيو ۽ شڪست ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ننڍي چونڊ کان رڳو ٻه ڏينهن اڳ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو ڪو فائدو نه ٿيو، عوام تيل اگهن ۾ ان معمولي لاٿ کي رد ڪندي مخالفت ۾ ووٽ ڏنا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button