سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ شهمير شيخ جي رهواسي پورهيت دڙي ٿاڻي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت غلام حيدر شيخ دانهيندي چيو ته 10 ڏينهن اڳ دڙي ٿاڻي جي پوليس منهنجي پٽ نعمت شيخ مٿان منشيات وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳائي 50 هزار روپيا ڀتو طلب ڪيو، جڏهن ته اسان غريب آهيون، مان ۽ منهنجو پٽ پورهيو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندا آهيون. هن الزام لڳايو ته ڀتو نه ڏيڻ تان ڇنڇر ڏينهن اهلڪارن احمد علي اوڍو، عبدالرزاق جتوئي، سونو جتوئي ۽ ٻين گهر تي چڙهائي ڪري گهرڀاتين مٿان تشدد ڪندي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري 3 تولا سونا زيور، هڪ لک روڪ، موبائيل فون ۽ سامان جي ڦرلٽ ڪري ويا. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ڦرلٽ ڪيل سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button