سنڌ

مدئجي ۾ وارهه ڪئنال مان نڪرندڙ شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

مدئجي جي مختلف ڳوٺن ڳاهيجا، بيگو جکرو، نبي آباد، فيضائي ڪلهوڙا ۽ ٻين ڳوٺن جي آبادگارن وارهه ڪئنال مان نڪرندڙ ڪلهوڙا مائنر، سالار شاخ، ڳاهيجا مائينر سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڳاهيجا ريگوليٽر تي آبادگارن آفتاب مڱريو، راجا مڱريو، عبدالستار ابڙو، اسرار ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. آبادگارن ايس ڊي او آبپاشي جي موجودگي ۾ سخت نعريبازي ڪئي ته آبادگارن ۽ ايس ڊي او وچ ۾ منهن ماري ٿي جنهن تي ڳوٺاڻن وچ ۾ پئي معاملي کي ٽاري ڇڏيو. ان موقعي تي آبادگارن ٻڌايو ته اسان پاڪ ڪتاب کڻي چيف انجنيئر آڏو احتجاج ڪيو هو، جنهن پاڻي ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر ان باوجود به هاڻي اسانکي پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جنهن سبب لکين روپين جا ٻج ۽ هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي رهي آهي.آبادگارن چيو ته ڳاهيجا مائينر ۽ ڪلهوڙا مائينر ۾ پاڻي ڏئي آبادگارن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن ايس ڊي او آبپاشي چيو ته پاڻي وڌيو آهي ۽ ڄاڻايل شاخن ۾ پاڻي ڇڏي رهيا آهيون، هڪ ٻن ڏينهن اندر مڪمل طور پاڻي جي پهچ کي يقيني بڻايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button