ٿاڻوبولاخان: يوسي سري ۽ مول ۾ رهندڙ خاصخيلي، پالاري ۽ هندو برادرين جي ماڻهن مڪاني اليڪشن مھم جي سلسلي ۾ سري ۾ پ پ جو جلسو ڪوٺايو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر چيو ته عوام جي خدمت سدائين پ پ ڪئي آھي، نوڪريون پ پ جي حڪومتن ۾ مليون آهن، ٻي ڪنهن پارٽي ڪجهھ ناهي ڪيو، نوازشريف ۽ عمران خان جي حڪومت ۾ ماڻھن کي ڪجھه به نه مليو، هنن هڪ نوڪري ڏني هجي ته آئون سياست ڇڏي ڏيندس، 24 جولائي تي کين عبرتناڪ شڪست نصيب ٿيندي. ھن چيو ته مخالفن کي عوام سان ڪابه دلچسپي نه آھي، هي صرف اليڪشن جي ٽائيم تي ظاھر ٿين ٿا، ڪوھستان جو عوام اليڪشن کان اڳ کين رد ڪري چڪو آھي. پ پ جي جلسي ۾ عوامي سمنڊ ڏسي مخالفن جون وايون بتال ٿي ويون آھن، مونکي سمجهھ ۾ نٿو اچي ته مخالف اليڪشن وڙھن ڇا ٿي ٿا، پ پ کي شڪست ڏيڻ مخالفن جي وس جي ڳالھه نه آھي. ڪوھستان جي عوام سان سياسي نه پر رت جا رشتا آھن. جلسي کي ملڪ سڪندر جونيئر، ڀيرو مل، موھن مل ڊڊاڻي، ڪلو خان پالاري، ڄيٺا نند ڏونگراڻي، شمس الدين پالاري، خادم حسين خاصخيلي، محمد زمان خان حملاڻي، مصطفيٰ حملاڻي، مولابخش خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏھن ته صحافي امتياز مڱڻھار، راشد مڱڻهار، سرور خاصخيلي، سهيل ميمڻ، شاھبيگ حملاڻي، بادل پالاري، ملڪ قربان ٻاپڙاڻي، ملڪ زاهد خان، نويد يوسف ميمڻ، نياز خاصخيلي، تاج محمد خاصخيلي، محمد خان پالاري، درگا داس شرما، ڌرمون مل، مکي اودھه مل، مکي نويت مل ۽ ٻيا موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close