سانگهڙ: سانگھڙ شھر ۾ ھاڻوڪي پوندڙ مون سون جي برسات سبب ھيٺائين وارا علائقا پيرپاڳاري جو ٿلھو شريف، منڇي ڪالوني، شفيع ڪالوني، سرور ڪالوني، مکي باغ، ڪنگري ٽائون، ڏيپر ڪالوني، عمر ڪالوني، وحيد ڪالوني، گلشن سانون ۽ گلشن ڪمال ڪالوني ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب رهواسي عذاب ۾ اچي ويا آهن، پر ضلعي انتظاميا پاڻي جي نيڪالي لا ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا. ان سلسلي ۾ بلديا جي سي ايم او نادر علي شاهه امروٽي چيو ته جيڪي اسان وٽ وسيلا آهن، انهن کي استعمال ڪندي پاڻي ڪڍڻ لا ڪوششون ڪريون پيا، پر جن به علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آهي، انهن علائقن ۾ ڪو به پاڻي جي نيڪالي جو نظام ناهي، اسان مشين لڳائي آهي، جلد پاڻي نيڪال ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close