حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڀٽائي نگر پوليس نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ 2 جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن. پوليس موجب گرفتار جوابدارن پاران بلال ڪاڪا کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي، خبر موجب حيدرآباد ۾ ڀٽائي نگر پوليس سپر سلاطين هوٽل مالڪن طرفان بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن جوابدار محمد گل ۽ احمد يار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدارن جو تعداد 4 ٿي ويو آهي.
پوليس ٻڌايو ته جوابدارن نوجوان کي قتل ڪرڻ جو پوليس آڏو اعتراف ڪيو آهي. گرفتار جوابدار واقعي واري هنڌ موجود هئا، جيڪي شاهديون موبائل ڊيٽا ۽ وڊَيو رڪارڊنگ مان مليون آهن. ايس ايڇ او اياز ٻگهيو وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن کان جاچ هلي پئي، اڄ رمانڊ ورتو ويندو. اڳ ۾ افضل ۽ شاهسوار پٺاڻ پوليس جي تحويل ۾ آهن. مک جوابدار اڃا فرار آهي.