سامارو: سامارو لڳ سامارو شاخ عرف راڄ واهه کي واٽر ڪورس ايل 10 وٽان 10 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنهن سبب ڪيترائي ايڪڙ فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو. خبر موجب سامارو لڳ مٺڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ راڄ واهه کي واٽر ڪورس ايل 10 وٽان 10 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنهن سبب ڀرپاسي جي آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن پاڻمرادو گھاري کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گھارو ٻڌجي نه سگھيو، جنهن بعد آبادگارن آبپاشي کاتي جي عملدان کي اطلاع ڪيو، جنهن تي آبپاشي ايس ڊي او مولابخش لغاري عملو ۽ ڪرين مشين سميت گھاري واري ھنڌ پھچي گھاري کي ٻڌرائي ورتو، گھاري سبب ڀرپاسي جي آبادگارن قاسم انڙ، لطيف ڀنڀرو ۽ ٻين جا ڪتي جا فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا. ان سلسلي ۾ آبادگارن ٻڌايو ته سامارو شاخ عرف راڄ واهه کي ڪجھه عرصو اڳ پڪو تعمير ڪرايو ويو ھو، پر ناقص مٽيريل جي استعمال سبب واهه کي گهارو پئجي ويو ۽ نقصان ٿيو. هنن گهر ڪئي ته واهه جي ڪم جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close